ثمينه پيرزاده

ثمينه پيرزاده

ثمينه پيرزاده

ثمينه پيرزاده: ٽي وي، ٿئيٽر ۽ فلمي دنيا جي نامور اداڪارا ۽ هدايتڪار، ثمينه پيرزاده لاهور ۾ معين الدين بٽ ۽ الماس بٽ جي گهر ۾ پئدا ٿي. ڪامرس ۾ گريجوئيشن ڪيائين. 1975ع ڌاري سندس شادي عثمان پيرزادي سان ٿي، جيڪو فلمي دنيا جي نامور اداڪار رفيع پيرزادي جو پٽ آهي. ثمينه شاديءَ بعد پهريان ڇهه سال گهريلو عورت طور گذاريا، کيس ٽي. وي انائونسر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو، جيڪو پورو نه ٿيو. شروعات ۾ ماڊلنگ شعبي ۾ پير پـاتائين. پوءِ کيس لاهور ۾ ثميـنه احمد جـي اسٽيـج ڊرامي ”ڦـِر ديـک تـمـاشـا“ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، ان بعد پي. ٽي. وي تي ”نوري ڄام تماچي“ ۽ ”ماڙي منگهتر“ جهڙن سيريلن ۾ اداڪاري ڪيائين، جنهن کان پوءِ هن ڪاميابي سان ڪيترا ڊراما پرفارم ڪيا، سندس شهرت هن وقت ڪمپيئر، پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طور به آهي. هن ڪجهه فلمن ۾ به ڪم ڪيو، جن ۾ ”نزديڪيان“، ”مکڙا“، ”جنگ“، ”شادي ميري شوهر ڪي“، ”بلندي“، ”بازار حسن“ ۽ ”پابندي“ وغيره قابل ذڪر آهن. هن پنهنجي ذاتي پراڊڪشن به متعارف ڪرائي، جنهن جو نالو ”ثمينه پيرزاده پروڊڪشن“ آهي. هن وقت پنهنجي مڙس عثمان پيرزادي سان گڏ اسٽيج ۽ ٽي. وي ڊرامن جي پراڊڪشن ۾ سرگرم آهي.


لفظ ثمينه پيرزادهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو